پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پ??ڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغان بارڊر تي ??اردار تار لڳائڻ ۽ ??ون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي من??وبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغان بين الاقوامي سرحد تي ??يڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل من??وبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي ??ون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي من??وبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي ??يڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي مهم ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظا??يه جي مدد تي ??ه فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.