اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو ا??تحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو ??هن??س، پاڪستان ڀ??پو?? طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس ??ڙه??دو ??هن??و. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو ا??تحڪام تباهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو ??هن??س. هن چيو ته پاڪستان ڀ??پو?? طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس ??ڙه??دو ??هن??و ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.