اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي شهر فيصل آباد ۽ چين جي شهر چنگ دائو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. جمع?? تي ان حوالي سان تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پاڪستان ۾ چين جي ??في?? نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي ??في?? معين الحق، چين جي شهر چنگ دائو جي ميئر زائوهائوزي ۽ فيصل آباد جو ڪمشنر شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ چين جي ??في?? نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي ??في?? معين الحق، سسٽر سٽي جو ميئر، ٻنهي ملڪن جي عملدارن کي ان تقريب ۾ شرڪت تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي چين سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. هن چيو ته منهنجي دعوت تي چين جي اڳوڻي ??في?? ياهو جنگ فيصل آباد جي ٻن ڏينهن جي دوري ۾ ڪاروباري ??خصيتن سان ملاقاتون ڪيون، زرعي يونيورسٽي جو دورو ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو بڻيو جنهن جو مقصد ٻه طرفي تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، انهي دوري ??ي دوران منهنجي درخواست تي سسٽر سٽي معاهد?? تي ڪم جو آغاز ٿيو ۽ موجوده چيني ??في?? نونگ رونگ ان منصوبي کي عمل جامو پارايو، هن چيو ته فيصل آباد صنعتي شهر آهي جتي بهترين روڊ انفرااسٽرڪچر، زرعي زمين ۽ علامه اقبال اقتصادي زون آهي، فيصل آباد شهر سان سسٽر سٽي معاهد?? تي پاڪستان ۽ چين ۽ چين ۾ پاڪستان جي ??في??، ميئر ۽ ميونسپلي عملدارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.