دبئي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته پاڪستان افغانستان ?? امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغان حڪومت کي هڪطرفي طور تي تسليم نه ڪنداسين، افغانستان جي صورتحال سڌوسنئون پاڪستان تي اثرانداز ٿئي ٿي، ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ نريندر مودي آهي، جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته پاڪستان ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ هوندو، ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ ڪمند جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، زرعي معيشت ۾ 1100 ارب رپيا منتقل ٿيا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي فروغ ملي رهيو آهي، اسان وٽ 2023ع تائين ٽيڪسٽائيل جا وڌيڪ آرڊر وٺڻ جي گنجائش نه آهي، تعميرات جي شعبي ۾ پڻ رڪارڊ سيڙپڪاري ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته افغانستان ?? امن ۽ استحڪام اسان جي خواهش آهي، افغانستان جي صورتحال سڌوسنئون پاڪستان تي اثرانداز ٿئي ٿي. هن ??يو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ?? طالبان حڪومت کي سهارو ڏيون، افغانستان ?? امن جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، اسان طالبان کي ٺوس حڪومت ٺاهڻ، آمريڪا ۽ اولهه کي افغان حڪومت کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهيون. هن ??يو ته اسان خطي جي ٻين ملڪن سان گڏ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، هڪطرفي طور تي افغان حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين. هن ??يو ته افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته اهي ٻين گروپن کي به گڏ کڻي هلن. هن ??يو ته پاڪستان ?? ڊالر جي قيمت وڌڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رهيو آهي، اسان جي ترجيح آهي ته افغانستان ?? استحڪام اچي، اسان ڊالر جي اسمگلنگ کي به روڪڻ جي لاءِ قد?? کنيا آهن. هن ??يو ته اسان افغانستان کي امداد به فراهم ڪري رهيا آهيون جنهن جو مقصد افغانستان ?? استحڪام آڻڻ آهي ته جيئن اتي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت قائم ٿئي جنهن سان اسان لاڳاپا قائم ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين ??يو ته ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ??يو ته حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي تي آبطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن سال پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي انبن جي ايڪسپورٽ ٿي، ايندڙ سيزن ۾ ڪينو جي پڻ بمپر فصل جي اميد آهي. هن ??يو ته 1100 ارب رپيا زرعي معيشت ۾ منتقل ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺن ۾ خوشحالي آئي، موٽرسائيڪلن جي وڪ??ي ۾ اضافو ٿيو، ٽريڪٽرز جو وڪ??و پڻ ٻيڻ تي وڌيو خاص طور تي ننڍين گاڏين جي وڪ??ي ۾ اضافو ٿيو. هن ??يو ته اڪثر وڪ??و ڳوٺن جي مارڪيٽن ۾ ٿيو. هن ٻڌايو ته فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جو سيڪٽر مڪمل طور تي بند هو، اسان ان سيڪٽر کي بحال ڪيو، هاڻي 2023ع تائين اسان وٽ وڌيڪ آرڊرز وٺڻ جي گنجائش نه آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته تعميرات جي شعبي ۾ پڻ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، گذريل 14 مهينن دوران تعميرات جي شعبي ۾ اٽڪل 600 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي ۽ ٽي لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن ??يو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اوورسيز پاڪستانين پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو آيو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت پاڪستان جي معيشت اوورسيز پاڪستانين جي ڪري بيٺل آهي. هن ??يو ته جڏهن کان عمران خان اقتدار ۾ آيو آهي، ڪابينا جي هر اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن تي ڳالهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان ٻاهرئين ملڪ معمولي ڏوهن ۾ قيد 16 کان 20 هزار قيدين کي وطن واپس آندو، ڪڏهن به ڪنهن حڪومت انهن قيدين جي آزادي جي لاءِ قدم نه کنيا هئا. هن ??يو ته اسان پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو، اڄ اسان جا سفارتخانا سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي ۽ اسان انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پڻ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي حوالي سان ??يو ته سمورن پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳنڍيل آهي، ڪرڪيٽ ئي اسان سڀني کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي، سمورن ماڻهن جون دعائون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهن. هن ??يو ته اسان پرجوش آهيون ته پاڪستان اها مئچ کٽيندو ۽ پاڪستانين جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اسان جو فخر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته پاڪستان ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ هوندو ۽ اسان وچ ايشيائي رياستن کي هڪ اهم ڪوريڊور ڏئي سگهنداسين. هن ??يو ته ڀارت ۾ مسلم ڪش حڪومت اقتدار ۾ آهي، جڏهن کان نريندر مودي اقتدار ۾ آيو آهي هن اقليتن ۽ مسلمانن کي نشانو بڻايو، نريندر مودي جي رويي جي ڪري پاڪستان ?? ڀارت جا لاڳاپا بهتر نه ٿي سگهيا. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ مقبول ترين شخصيت آهي، جيڪڏهن عمران خان دهلي ۾ جلسو ڪري ته اهو جلسو نريندر مودي جي جلسي کان وڏو هوندو. هن ??يو ته هي موقعو هو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهيا پئي پر نريندر مودي جي رويي جي ڪري انهن لاڳاپن ۾ بهتري نه ٿي سگهي. هن ??يو ته ڀارت جي عام ماڻهو کي سوچڻ گهرجي ته انهن لاڳاپن جي بهتري جا ڪيترا فائدا آهن، ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي ۽ ڪشمير کي آزادي ڏني وڃي ته ان جو فائدو پاڪستان ?? ڀارت ٻنهي کي ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ اسان ڪيترائي قد?? کنيا آهن، وراثت جي سرٽيفڪيٽ جي لاءِ اڳ ۾ اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان اچ??و پوندو هو، ڪورٽ ڪچهرين جا چڪر لڳندا هئا، ان مسئلي کي اسان حل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اوورسيز پاڪستاني نادرا جي آن لائن پورٽل جي ذريعي وراثت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا.