اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خ??ي ۾ پائيدار امن جو ضامن آه??، موجوده حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي ترقي سان گڏوگڏ غ??رق??نوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي ترق??، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خ??ص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غ??رق??نوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خ??ي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري خ??ي کي خ??رو آهي.