اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولانا فض?? الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي پر مولانا فض?? الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي جڳهه ٻيهر ٺهي، مولانا حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آهي، 23 مارچ به اچي ويندو، مولانا فض?? الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي. مولانا فض?? الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪ??دي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مولانا فض?? الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي نه هوندي. هن چيو ته مارچ ۽ اهتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، وزيراعظم عمران خان جو به چوڻ آهي ته اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مولانا فض?? الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو حصو نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ان لاءِ مولانا فض?? الرحمان سان گڏ نظر اچن ٿا ڇو ته اهي سسٽم جو حصو نه آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم ۾ آه?? اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، اڄ جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي اندر موجود پارٽين ۽ شخصيتن جو موقف پارليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مولانا فض?? الرحمان جون ڳالهيون ٽائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي ايم پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، ان کانپو??ِ ايندڙ سال اسان پنهنج?? آخري بجيٽ پيش ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته بي وقت جو راڳ مولانا فض?? الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مولانا فض?? الرحمان حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون مولانا فض?? الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي جي حوالي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مولانا فض?? الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏي??دي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي قوم جي لا??ِ اهم ڏينهن آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي، 23 مارچ جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.