اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فارن فنڊنگ ب??بت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته قانون موجب ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ٻي پارٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي. ٽي وي چئنلز بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ ف??ڪ نيوز جو حصو نه ب??جن?? اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جتي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن جي پڙتال ڪري رهي آهي ائين ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽن جي به ڇنڊڇاڻ ٿي رهي آهي، هن چيو ته اسان جي ماهرن ج?? جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ناهن ٻڌايا ويا انهن مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي بنا ڪنهن متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا، پيپلزپارٽي وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو به رڪارڊ نه آهي، پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، ۽ پارليامينٽرين پيپلزپارٽ?? جا خرچ برداشت ڪن ٿيون، جيڪو غير قانوني آهي.