اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شه??ن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نت??جي ۾ شه??ن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهي ۽ اوڳاڙيون به ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ لاهور شه?? ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستن جي تعمير جي منصوبن جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خ??اب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور شه?? مان تمام گهڻي اوڳاڙي گڏ ٿي سگهي ٿي. هن ان سلسلي ۾ شه?? جي اهم زمينن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي هن وقت استعمال ۾ نه آهن ۽ بيڪار پيل آهن. وزيراعظم چيو ته شه?? انهن اهم جاين کي عوامي مفاد جي منصوبن لاءِ استعمال ۾ آڻي نه رڳو انهن زمينن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو پر ان سان حڪومت ڪافي اوڳاڙيون به حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم تجويز ڏني ته لاهور ۾ شه??ي منصوبن کي سرڪاري ۽ جي شعبي جي حصيداري سان راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ منصوبن جي طرز تي هلايو وڃي. اجلاس کي پنجاب حڪومت جي گلبرگ ۾ بوليورڊ ايم ٽو موٽروي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي لاهور جي شه??ين ۽ مسافرن کي شرقي ۽ غربي روٽ فراهم ڪندو ۽ ان سان موجوده رستن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ان کان اڳ ان منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته منصوبي جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 61 ارب رپيا لڳايو ويو آهي ۽ هو 15 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. ان منصوبي سان سفر جو وقت 30 منٽ گهٽ ٿيندو ۽ روزانو 73 هزار گاڏيون اهو روٽ استعمال ڪنديون. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت رين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن ۽ وزيراعظم جي خ??ص معاون ڊاڪٽر شه??از گل شرڪت ڪي جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.