پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيد جوان بابر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ??حمد حفيظ سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بابر حفيظ شهيد دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين يا?? رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ??ک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ??ن ٿا، اسان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو پ??ڪستان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.