اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن ۾ ٻاهرئين مل?? پاڪستانين جي سيڙپڪاري سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ هائي رائز (ڊگهين عمارتن) جي منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ محفوظ سيڙپڪاري جا موقعا ??يد?? ڪري رهي آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو جيڪو ٻين فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري سگهبو. هن چيو ته گادي وارو شه?? ملڪ جي سڃاڻپ هوندو آهي، ان جي لاءِ اسلام آباد کي جديد ??هو??تن سان ليس شهر بڻائڻو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زمينن جي وڪري ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبا مقرر مد?? ۾ ??ڪمل ڪيا وڃن. قبضي مافيا ۽ ناجائز قبضن جي خلاف قدمن ۾ تيزي آندي وڃي، اسلام آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 3 هائي رائز عمارتن جي تعمير جي منصوبابندي ٿي رهي آهي جن ۾ مجموعي طور تي اپارٽمينٽس جو انگ 14400 هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهرين خاص طور تي ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سي ڊي اي جديد ??هو??تن سان ليس ون ونڊو سينٽر فعال ڪري ڇڏيو آهي. ان سينٽر ۾ پراپرٽي جي منتقلي ۽ ٻين شهري ??هو??تن بابت ڊيجيٽل پورٽل ميسر آهي جنهن سان مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري حل ۾ مدد ملندي.