اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ترڪي، واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن ٻطرفا لاڳا??ا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ چيف آف ج??رل اسٽاف ج??رل ياسر گلر جي ملاقات ??وران طئي ٿيو. ملاقات ??وران پا??ست??ن ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل به موجود هو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ست??ن۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻو پوندو، صدر عارف علوي چيو ته پا??ست??ن قبرص تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو، صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين، مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ڀارتي ڪردار تي به روشني وڌي. صدر سدائين پا??ست??ن جي حمايت ڪرڻ خاص طور تي ڪشمير تڪرار تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات ??وران ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن سان عوام جي خوشحالي لاءِ گڏوگڏ علائقائي واپار ۽ رابطن کي فروغ ملندو. ترڪ چيف آف ج??رل اسٽاف ج??رل ياسر گلر يوم پا??ست??ن پريڊ جي ڪامياب انعقاد تي صدر کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪي هر پليٽ فارم تي پا??ست??ن جي حمايت جاري رکندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳا??ا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي نئين نسل ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي.