اسلام آباد – 20 – اپريل (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جون تباهه ڪيل حالتون اسان سنڀالي رهيا آهيون، جيڪو عوامي خيال اقتدار وڃڻ کانپوءِ ياد اچي، اهو ??نهن تي چماٽ هوندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته حڪومت تو??ان جي معاشي دهشتگردي جي اثرن جي ڀنور مان ڪڍي رهي آهي، تو??ان جي تڪبر، ضد، انتشار ۽ نفرت انگيز سياست جي اثرن کان ملڪ کي پاڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته چار ??ال ۾ ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻندڙن هر شعبي ۾ تباهي جا داستان ڇڏيا آهن.