اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام ک?? جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي بجلي جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان بجلي جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي ??ئي. وزيراعظم چيو ته عمران حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا وي??، ان ظلم جي قيمت قوم ک?? هر مهيني 100 ار?? رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 6 ار?? ۾ ايل اين جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو اهو قوم ک?? 20 ار?? ۾ پئجي رهيو آهي، عمران حڪومت جو اهو ظلم قوم ک?? هن سال 500 ار?? کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي ??ئي.