اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير ??نا رباني کر سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينر ڪارو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي ساراهيندي انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??نا رباني کر 2005ع جي زلزلي دوران ڪيوبا پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو.