اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ پاران نبي ڪريم ﷺ بابت گستاخانا لفظن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته مودي جي قيادت ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادين ک?? پائمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ سختي س??ن ان کا?? پڇاڻو ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته هو اسان جي پياري نبي حضرت م??مد ﷺ بابت ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ جي دل آزاري تي ٻڌل بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته مودي جي قيادت ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادين ک?? پائمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ سختي س??ن ان کا?? پڇاڻو ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ سان محبت اسان جي لاءِ سڀ کا?? وڌيڪ آهي. سمورا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي محبت ۽ احترام ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي سگهن ٿا.