اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لوڊش??يڊ??گ گهٽ ڪرڻ جي طريقن ۽ توانائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، بجلي جي وڌيڪ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نصب ٿيل صلاحيت جي کوٽ آهي، سپلاءِ چين ۾ پڻ گيپ آهي ڇو ته پي ٽي آءِ ٻارڻ جا ڪيترائي معاهدا نه ڪيا، اسان انهن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري رهيا آهيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ انهن سمورن منصوبن کي چار سالن ۾ نه هلائي سگهي جيڪي پي ايم ايل اين شروع ڪيا هئا. هن چيو ته تريمون ۾ سيمنز جو ايل اين جي پلانٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 61.6 سيڪڙو ڪارائتو پلانٽ آهي ۽ هتي 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پهرين ٽربائن اچي چڪي هئي، اهو پلانٽ اڃا ت??ئي?? ناهي هلي سگهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي سطح تي توانائي واري وزارت پ??را?? انرجي ڪنزرويشن پلان هن مشڪل وقت ۾ پيش ڪيو پي?? وڃي جڏهن بجلي جي کوٽ آهي ۽ تيل ۽ گئس جون قيمتون عا??مي منڊي ۾ بلند سطح تي آهن. هن چيو ته فنانس ڊويزن پ??را?? ڪابينا ۾ ڪفايت شعاري جو منصوبو پيش ڪيو پي?? وڃي. ڪابينا ميمبرن سميت سرڪاري عهديدارن جي پي??رول استحقاق ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.