اسل??م آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ هزارين جانين کي بچائيندڙ آئل ٽينڪر ڊرائيور فيصل کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ان عمل جي جيتري به پذ??رائي ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي بلوچستان ۾ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي لکين تعداد ۾ زندگيون بچائيندڙ آئل ٽينڪرز ڊرائيور فيصل کي ٽيليفون ڪيو ۽ وزيراعظم پاران خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته فيصل جي ان جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته آئل ٽينڪر جي ڊرائيور کي اسل??م آباد گهرائي انعام سان نوازيو وڃي.