اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفارتخانو زائرين سان مڪمل رابطي ۾ آه??، اٽڪل 300 زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي و??ن واپسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا و??ا آهن، پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابطي ۾ آهن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي و??ن واپسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چ??و ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (دمشق کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان وڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفارتخاني دمشق کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائرين پاڻ عراق ويندا.