ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ چيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ آڏو گوڏا کوڙڻڻا پوندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوري دنيا تسليم ڪري ورتو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪ جي قيادت مقامي نوجوان ڪر?? رهيا آهن. آزادي جي تحريڪ وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي. احمد حسين ڊيهڙ چيو ته ڀارتي حڪومت رياست جي آبادي جي شڪل ۽ ڀارت ۾ اقليتي برادرين جي حقن کي تبديل ڪرڻ جي گمراهه ڪندڙ ڪ??شش??ن ڪر?? رهي آهي. هن چيو ته يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي پارليامينٽن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڀارتي ظلمن تي بحث ٿ?? رهيا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ عوامي حمايت ڪشميرين سان گڏ آهي. هن چيو ته دنيا ان ڀارتي بياني?? کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو سرحد پار کان ريا??تي دهشتگردي جو شڪار آهي پر وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي جنهن ۾ ڀارت جي سرپر??تي به شامل آهي. قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسند?? کي منهن ڏيڻ ۾ ساراهه جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.