اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انتهائي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري ??گهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن، صحت جي عالمي اداري ??ا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ??يسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز ج?? مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي متاثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت، صوبن، مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري ??ان ڪم ڪري ??هي آهي، فوري ??ور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ٻوڏ متاثرين کي فوري ??وڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي حڪومتون متاثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري ??گهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن جو هنگامي تعاون گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پهري?? ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي نگراني ڪري ??هيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي ڪ??شش?? ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن ج?? مدد سان متاثرين ج?? مدد ۾ وڏ?? مدد ملندي، فوج، سرڪاري ??دارا، شهري ??دمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري ??هيا آهن، متاثرين ج?? مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل انتهائي ڏکويل آهي، جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان ج?? مدد ڪن. هن چيو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ ضروري ??ين جي فراهمي گهربل آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي متاثر علائقن جي دوري ??ي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري ??ا انتظام ڪندي.