اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي)موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، سرنديءَ وارا ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪن، سياست کان ??ٿاهون ٿي ٻوڏ متاثرن جي مدد لا??ِ متحد ٿيڻو پوندو، ٻوڏ جي پاڻيءَ مان ??بائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزر سيد نويد قمر ۽ قانون ?? ا??صاف بابت مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سينيٽر شيري رمان چيو ته ايتري شدت سان سانوڻي جون برساتون ڪڏهن ناهن پيون، غير معمولي برساتون ۽ ٻوڏ موسمياتي تبديليءَ جو نتيجو آهن، ڪاربن نيڪال ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. پاڪستان گلوبل وارمنگ کان شديد متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. هن چيو ته 9 هفتن کان ??وڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ملڪ جو اڌ حصو ٻوڏ سبب متاثر آهي، هاڻوڪي ٻوڏ جو مثال ماضيءَ ۾ نٿو ملي، ٻوڏ سبب مواصلات جو نظام پڻ متاثر ٿيو، ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب وبائي بيماري ??هلجي رهي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته برساتون معمول کان ??يڻ تي وڌيڪ ٿيون آهن، سياحن کي سياحتي هنڌن تي ڪچرا نه اڇلڻ گهرجي. گلوبل وارمنگ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، جيڪي ملڪ ان جا ذميدار آهن انهن کي هن جي ذميداري ??ڻڻي پوندي. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تسليم ڪيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ کان ??تاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مختلف ملڪن ۽ـ ادارن طرفان امداد جي فراهمي جاري آهي، ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جا اثر پاڪستان تي مرتب ٿي رهيا آهن. بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي ۾ زراعت ۽ چوپائي مال کي شديد نقصان ??هتو آهي. سنڌ ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ دوران دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن، هڪ هزار کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته مڇرن سبب موذي بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو آهي. سرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجو پنهنجو حصو وِجهن ۽ وزيراعظم رليف فنڊ سميت ٻين ادارن کي عطيو ڏين. پاڪستان عطيو ڏيندڙ وڏو ملڪ آهي، سڄي ملڪ ۾ امدادي ڪارروايون ڀرپور انداز ۾ جاري آهن، متاثرن جي بحاليءَ لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في خاندان کي 25 هزار رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سياسي اڳواڻن کي هڪٻئي تي تنقيد بجاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، سڄي دنيا يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري رهي آهي. شيري رحمان چيو ته عمران خان جي ميراٿون ۽ فنڊز گڏ ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، 1971ع کان ??وءِ هن وقت ملڪ جي نازڪ صورتحال درپيش آهي، اسان ??لڪي مفاد ۾ ڏُکيا فيصلا ڪيا. عمران خان آءِ ايم ايف سان ڊيل ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان ??وقعي تي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته ٻوڏ جي صورتحال سبب سنگين حالتون درپيش آهن، سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه کان ??ڌيڪ نقصان جو خطرو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ وڏو قدم کنيو ۽ دوستيءَ جو هٿ وڌايو، اسان کي پاڪستان ۽ عوام لا??ِ سوچڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت جي معاهدي جو احترام ڪيو، عوامي ۽ قومي معاملن تي اسان کي گڏجي سوچ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان سڀ عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ملڪي معيشت جي استحڪام لا??ِ ڪم ڪرڻ گهرجي. اقتدار خاطر ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي. مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته ملڪي مفاد کي نقصان ??هچائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، صوبن کي وفاق جي پاليسين تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڳوڻي ناڻي واري وزير ملڪ جي خلاف سازش ڪئي، اسان ??لڪ کي ڪنهن به طور تي نقصان ??هچائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي گڏجي عوام کي درپيش مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ گهرجي.