واشنگٽن – 13 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ عالم?? برادري پاڪستان حڪومت کي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال کي ??نه?? ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ م??د ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻوڏ ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته عالم?? برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي تبديلي کي ??نه?? ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، ه?? چيو ته موسمياتي تبديلين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، ه?? چيو ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به درپيش آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي، ه?? ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪستان ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ڊالرن کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي، ه?? چيو ته پاڪستاني هن آفت کي ??نه?? ڏيڻ لاءِ پنهنجا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ عالم?? برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي م??د ڪري، پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري ۽ ٻوڏ متاثر پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي متحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان کي پهرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيندڙ صورتحال درپيش آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي صورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، ه?? چيو ته اسان پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي پهتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان کي متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي، ه?? چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي ??نه?? ڏيڻ، آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آفتن کي ??نه?? ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ضرورت هوندي.