ثم??قن?? – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ثم??قن?? ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي سان گڏوگڏ ٻوڏ ک??ن متاثر ماڻهن جي لاءِ دل کولي مالي امداد جي فراهمي تي آذربا??يج??ن جا ٿو??ا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش هي قدرتي آفت ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهي، هن عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري فوري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم نگورنو ڪاراباخ تي پاڪستان پاران آذربا??يج??ن جي اصولي حمايت کي ورجائيندي ان جي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آرمينيا جي اشتعال انگيز حملي ۾ 70 آذري فوجين جي تازي شهادت تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عالمي قانون موجب ۽ ان جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ آذربا??يج??ن جي پنهنجي دفاع جي حق جي حمايت کي ورجايو. پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، زراع??، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صلاحيت کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آذربا??يج??ن جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. صدر الهام عليوف وزيراعظم کي جلد آذربا??يج??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.