اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪاررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ ??ضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ ??ضائيه جا اهلڪار ٻوڏ متاثر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي ضرورتون وقت س?? فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ ??ضائيه جي قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ متاثرن ۾ وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پاڻيءَ سبب بيمارين جهڙوڪ گيس??رو?? ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ ??ضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ ??ضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پ??ل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ ??ضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائن?? ڪيو.