سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون ??نعقد ڪيون ??ينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪندي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ?? شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ??ن ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو مسجدن ?? ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائن سان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون ??ڻ نشر ڪيون ??ينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ پڻ ورهايا ويندا.