استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيدا??ي جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن ج?? کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. و??ير??عظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. و??ير??عظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچا??ي جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي. و??ير??عظم چيو ته اڄ ??ي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزادي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. و??ير??عظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪستا?? کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪي?? اهو اڄ ??رڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. و??ير??عظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. و??ير??عظم چيو ته رجب طيب اردوان جي سماجي ڀلائي جي منصوبن جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻه?? کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي ترقي جا ثمر ملي رهيا آهن. و??ير??عظم چيو ته اڄ ??سان پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپ?? کي مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيدا??ي جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. و??ير??عظم چيو ته اڄ ??نيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪرين جي جنگ عالمي براد??ي جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪرين جي جنگ ۾ ترڪيه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪ?? کي سنجيده مسئل?? کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪ?? کي انهن شعبن ۾ لاڳاپ?? کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آهن، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپ?? کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪا??ي جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. و??ير??عظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي رات صدر رجب طيب اردوان مو?? کي فون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. و??ير??عظم چيو ته ترڪيه انساني همدردي جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪي??ن، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب طيب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي و??ير??عظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪي??، نه رڳو ترڪيه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪي??، ترڪيه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچا??ي جو عظيم مظهر هو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن ج?? کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو و??ير??عظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آهن، ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ترڪيه جي عوام کي ڏکويل ڪي??، اسان پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي امداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسا?? کي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگردي جي خطرن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خلاف متحد آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگردي جي خلاف اسان جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي حملن ۾ فوت ٿيندڙ?? کي انصاف ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آهن، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئي جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪستان جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپ?? کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، ان منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهر?? کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ نيوي جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي هو ترڪيه جي صدر ۽ و??ير??عظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آهن، ان جي عڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ و??ير??عظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو اهم منصوبو آهي جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ترقي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هي منصوبو وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاو?? کي مضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آهي، ترڪيه جي دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسا?? کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيوي جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسا?? کي يقين آهي ته ملجم جهازن جي شموليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئي جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي سان ملائي دهشتگردي سميت سمورن خطرن جي خلاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي و??ير??عظم جي آجيان ڪئي. و??ير??عظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪي?? ويو. صدر اردوان و??ير??عظم کي تقريب جو بيج لڳايو ۽ و??ير??عظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان موقعي تي موجود هئا.