اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پر??من پاڙيسريت تي ??قي?? رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ??يو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ??يو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳا??هه ٻو??هه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي د??پيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پر??من افغانستان جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ??يو آهي.