اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ??و ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ۽ سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا فرق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي آخري 10 ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قتلام جي ٽن وڏن واقعن ۾ ملوث رهيو. هن چيو ته 21 جنوري 1990ع تي سرينگر جي علائقي گائوڪدل ۾ ڀارتي فوجين پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪري 50 شهرين کي شهيد ۽ درجنين کي زخمي ڪري ڇڏيو، 25 جنوري 1990ع تي هندواڙه جي قبضي ۾ ڀارتي فوجين وڌيڪ 21 معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 27 جنوري 1994ع تي ڀارتي فوجين ڪپواڙه قصبي ۾ 27 شهرين جو قتل عام ڪيو ويو. ??رج??ان چيو ته ??تاثرين ۽ ان جا گهر وارا اڄ تائين انصاف جا منتظر آهن، ان ڪڌي ڏوهه ۾ شامل ماڻهن جو ڪڏهن به احتساب نه ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان چيو ته اڄ اسان شهيدن کي ياد ڪريون ٿا ۽ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ??رج??ان چيو ته ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 23 ۽ 24 جنوري تي تاشقند جو دورو ڪيو. هن اي سي او جي وزارتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، سياحت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط علائقائي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ علائقائي تعاون تنظيم کي وڌائڻ جي لاءِ واپاري پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ، مضبوط انفراسٽرڪچر جي قيام، شين ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو. ??رج??ان چيو ته ??رڏيهي وزير موسمياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي چئلينجن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته ??زارتي اجلاس جو هڪ اهم نتيجو باڪو آذربائيجان ۾ اي سي او ريسرچ سينٽر جي چارٽر تي معاهدو هو، اهو مرڪز اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي مسئلن تي مهارت ۽ تحقيق تي حصيداري کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته ??زارتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران، تاجڪستان، ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ??رج??ان چيو ته ??اڪستان اي سي او تنظيم جي باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن علائقائي تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ سان گڏوگڏ علائقائي واپار تي خصوصي ڌيان ڏئي سگهجي. ??رج??ان چيو ته گڏيل عرب امار??ت جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان گذريل ڏينهن پاڪستان جي نج?? دوري تي رحيم يار خان پهتو، جنهن جو ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته روس جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير ضمير ڪابلوف خطي جي پنهنج?? دوري جي هڪ حصي طور هلندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪيو. هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير محمد صادق س??ن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ خطي جي تازي اڳڀرائي تي ڏي وٺ ڪئي. ??رج??ان چيو ته ??اڪستان پنهنجي پاڙي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان علائقائي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهشن کي ورجايو ته جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ عبوري افغان حڪومت سان مسلسل ۽ عملي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته ??نهي پاران افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هم آهنگي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز سميت ماسڪو فارميٽ ۽ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پليٽ فارم جي ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان چيو ته ??اڪستان سوئيدن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ??رج??ان چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن. ??رج??ان چيو ته ??رڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. هن چيو ته ??ملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ??رج??ان چيو ته ??ملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني حقن جي حوالي سان پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي.