پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ل??ڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آر ايڇ پهچڻ تي نگرا?? وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سي??سي معاملن ??ار?? صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع ??ار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير م??يم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.