اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ”يوم مئي“ جي حوالي سان پورهي??ن جي حقن جي تحفظ جو و??جاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته صرف صحت مند، تعليم يافته ۽ سٺو معاوضو ح??صل ڪندڙ افرادي قوت ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهي ٿي. يوم مئي جي حوالي سان وزيراعظم ??نه??جي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪارڪنن جي محنت جو عنصر شامل آهي ۽ ملڪ جي تيز ۽ پائيدار معاشي ترقي ۾ افرادي قوت جو ڪردار مثالي آهي.