اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس ک??ن بچاءُ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ، اڏاوتي صنعت سميت مختل?? ڪاروبار کولڻ، ذخيره اندزوي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سخت س??ائن تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگيون اندازي کان گهٽ آهن، تعميرات جي شعبي جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن هڪ تمام ??ڏو پئڪيج ڏينداسين، احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي ٻيون صنعتون به ضرورت موجد کوليون وينديون، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اهو اختيار حاصل آهي ته ڪنهن صنعت کي کولڻ جي حوالي سان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ک??نپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.