اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا ۾ ڊاڪٽرز جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عم??در??مد مشڪل ڪم نه آهي، ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ما??هو به صحتمند رهندا. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل م??مد افضل سان گڏ اين آءِ ايڇ ۾ نئين تعمير ٿيل آئيسولي??ن اينڊ اسپيشل ڊپارٽمينٽ سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا بابت صورتحال ۾ ترتيبوار بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 40 ڏينهن ۾ آئسولي??ن اسپتال مڪمل ڪئي وئي آهي، اسان جون تياريون مڪمل آهن، ايندڙ هفتي وزيراعظم آئسولي??ن اسپتال جو افتتاح ڪندو.