اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آه??. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هن ايوان ۾ ايف اي ٽي ايف تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي لاءِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري لسٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان مان نڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??و. ڀارت ??اڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران اڳ??رائي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ قانونسازي ايف اي ٽي ايف جي ضرورت ??ئي. ان قانونسازي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قدم کنيو اها خوش آئنده ڳالهه آه??. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آه??. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان مٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان نه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي راءِ نه آه??. سمورين حڪومتن ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙائي ڏيکاري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشميرين جي لاءِ پيغام آه?? هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ بيٺل هوندي.