اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته ??خا??ف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) بدعنوان سياسي ??نص??ن جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل آهي، عوام تي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اهي ماڻهو رڳو ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن وٽ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي معي??ت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ پوري دنيا جا اقتصادي ماهر به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن جڏهن ته ماضي ۾ ملڪي معيشت هلائيندڙ هن وقت لنڊن ۾ ويهي پاڪستان جي معيشت تي تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا کل جوڳي ڳالهه آهي.