اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو ??اپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي ??ي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ??رجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي ??ياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.