اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پاڪستان ٽي??يويزن (پي ٽي وي) کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي لاءِ نجڪاري ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پي ٽي وي جي ري اسٽرڪچرنگ ڪندڙ ڪمپني جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، پي ٽي وي جو نئون بورڊ به ايندڙ هفتي جوڙيو و??ندو. صحافين کي بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته وزيراعظم جي ادارن ۾ سڌارن واري پروگرام تحت مختلف ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو و??و جڏهن پي ٽي وي جي نجڪاري جي چٺي ملي ته ان جو جواب موڪليو ته پي ٽي وي جي نجڪاري ناهي ڪرڻي ان کي فهرست مان ڪڍيو وڃي.