اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي حيثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي تاريخ جي سفر ۾ ڏکيا چئلينجز عبور ڪيا آهن، اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي ??ي بدلجندڙ صورتحال اسان جي ا?? عزم جو امتحان آهي، پاڪستان اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري بيهي سگهي ٿو، اسان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، ڪشمير جي عوام پاڻ سان ڪيل واعدن جي تڪميل لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستان خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو، افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي، پاڪستان ڳالهين سان تڪرار جي سياسي حل جي حمايت جاري رکندو، عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اسان جو سمورو ڌيان جيوپاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ٿي ويو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائيندي اسان کي ا??مان، اتحاد، تنظيم جي قومي قدرن کي سربلند رکڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جنهن جو تصور قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو هو، اسان هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي حيثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي تاريخ جي سفر ۾ مشڪل چئلينجز عبور ڪيا آهن ايستائين جو اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي ??ي بدلجندڙ صورتحال اسان جي ا?? عزم جو امتحان آهي، هر وقت وانگر اسان پنهن??ي بي لوث عزم جي ڪري ا??هن رڪاوٽن تي ضابطو آڻي وٺنداسين ۽ مضبوط قوم طور اڀرنداسين، هن چيو ته پاڪستان اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي کڻي بيهي سگهي ٿو، معيشت ??ي بحالي، ڪورونا مان سرخرو ٿيڻ ۽ ماحولياتي تحفظ بابت اسان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي آهي.
وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميرين ڀينرن ۽ ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي، جيڪي ا??تهائي مشڪل حالتن ۽ ڀارتي غير قانوني قبضي ۾ ناقابل بيان ڏاڍ ۾ پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ڪري ??هي?? آهن، پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي ڪاز لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکندو، ڪشميري هاڻي به انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي ??هي?? آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ا??لهندي سرحدن تي غير مستحڪم صورتحال جي ڪري وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي اسان سدائين ان ڳالهه تي مسلسل زور ڏنو آهي ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي ا??ن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي حمايت جاري رکندو، پنهنجي معاشي ۽ سماجي ا??جنڊا جي پيروي لاءِ اسان ملڪ اندر ۽ ٻاهر امن چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ اسان جو سمورو ڌيان جيو پالٽيڪس کان هاڻي جيو اڪنامڪس تي آهي،جنهن ۾ اسان اولين ??رج??ح جي طور تي پاڪستاني عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي تي ڌيان ڏئي ??هي?? آهيون، اسان جي حڪومت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته بنا شڪ جي پاڪستان الله تعاليٰ جو اسان جي لاءِ تحفو آهي آئون هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ان موقعي تي توهان کي چوان ٿو ته پاڪستان کي قابل فخر، خوشحال ۽ پرامن ملڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.