اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته عمران خ??ن اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ کي خط لکي ڇڏيو آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان آئين جي آرٽيڪل 213 ۽ 218 موجب مخالف ڌر اڳواڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي خالي جاين جي لاءِ خط لکيو آ??ي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٽي ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ان??ن نالن تي مخالف ڌر جي جواب کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ مقرري ٿي سگهندي.