اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي ج??مع مسجد مان اخلاق جي تعمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو معمول موجب سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ ج?? زندگي مبارڪ ۽ تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آه??، بهترين اخلاق معاشري جو حسن هوندو آه?? جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سان سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اسلام جي تاريخ اخلاق حسنه جي مثالن سان ڀري پئي آه??، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي اخلاق جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آه??، اسلام جي ڇپجڻ جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آه?? ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي روين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن سان پڪارڻ جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سان گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سان دين اسلام ۾ واضح هدايتون آه??، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اخلاق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي ج??مع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آه??.