اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مذهبن جي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ٻڌمت سميت عظيم تهذيبن جي قديم آثارن جو مرڪز آهي، مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ آثار قديمه جهڙي اهم قومي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سماجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ بابت عالمي ڪانفرنس ۽ آرٽ فيسٽيول: پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخ، آثار قديمه، فن ۽ فن تعمير“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري غزاله سيفي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي ۽ پرنس ميان گل عدنان به خطاب ڪيو. صدر ٻڌمت جي حوالي س??ن عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي س??راهيندي ??يو ته پرامن گڏيل بقاءَ لاءِ دنيا ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي ضرورت آهي، ان حوالي س??ن پاڪستان ۾ موثر قدم کنيا پيا وڃن، هن ??يو ته پاڪستان عظيم قديمي تهذيبن جو مرڪز آهي جڏهن ته هتي مختلف مذهبن جا تاريخي مقدس ماڳ به موجود آهن اهو ئي س??ب آهي جو پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا به وسيع امڪان موجود آهن. صدر مختلف مذهبن جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي ??يو ته مذهب ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو هڪ ذريعو آهي جيڪو انسان کي امن ۽ آشتي جو درس ڏي ٿو، هن ??يو ته انسانيت جي بقاءُ امن سان واڳيل آهي اهو ئي س??ب آهي جو پاڪستان سدائين امن جي ??الهه ڪندو آهي. ان موقعي تي صدر آثار قديمه کي اهم قومي ورثو قرار ڏيندي ان جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ان کان اڳ پارلياماني سيڪريٽري غزاله سيفي پنهنجي خطاب ۾ ??يو ته پاڪستان مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، اسان جو ملڪ مضبوط ۽ خوبصورت تاريخي ثقافتي ورثو رکندڙ آهي ۽ مڪمل مذهبي هم آهنگي تي يقين رکي ٿو. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ??يو ته هي پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي ۽ اڳتي س??لياني بنيادن تي ان کي منعقد ڪيو ويندو، ٻڌ مت کانپوءِ سک ازم، عيسائيت ۽ هندوازم تي به ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، هن ??يو ته اهڙي طرح جون ڪانفرنسون معاشري ۾ برداشت ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿينديون جڏهن ته ان سان عالمي س??ح تي پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو. ان موقعي تي پرنس ميان گل عدنان پاڪستان ۾ ٻڌمت جي آثار قديمه بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ??هرواريءَ بيگمه ثمينه علوي، ٿائيلينڊ، نيپال، سريلنڪا، جاپان، ملائيشيا ۽ ڪوريا جي سفارتڪارن، غير ملڪي ٻڌ ڀڪشوئن کانسواءِ تعليمي ماهر، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ ٻيون شخصيتون به موجود هيون. سماجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ بابت عالمي ڪانفرنس ۽ آرٽ فيسٽيول: پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخ، آثار قديمه، فن ۽ فن تعمير ۾ 50 مقررين خطاب ڪندا جڏهن ته 30 عالمي تحقيقي مقاله پيش ڪيا ويندا.