اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ رياست جي ذميداري آهي، 911 ايمرجنسي هيلپ لائن جي قيام سان سڄي ملڪ ۾ غريب ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ان سان شڪايت ڪندڙن کي فوري رليف ملندو، حڪومتي سطح تي ڏ??هن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا جنهن سان حڪومت انهي حساب سان وسيلا مختص ڪري سگهندي، اهو هڪ مثبت قدم آهي جنهن کي ٻن سالن ۾ جامع ڪيو ويندو، هن م??ڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته هتي اشرافيه لاءِ هڪ ۽ باقي ماڻهن لاءِ ڌار پاڪستان رهيو جتي صحت، تعليم، سميت ٻيون سهولتون رڳو اشرافيه کي ميسر رهيون، منهنجو سياست ۾ نظريو پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ هو. 911 ايمرجنسي هيلپ لائين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو عوام جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ ان جي مدد لاءِ رياست کي ڪرڻ گهرجي. 911 سان شهرين کي ڪنهن به درپيش مشڪل ۾ اهو اعتماد حاصل هوندو ته رياست ان جي مدد ڪندي، پوري پاڪستان مان هڪ نمبر تي ڪال ڪرڻ سان ان مسئلي جو فوري حل ٿي سگهندو، هن چيو ته اهو هڪ نئون پر??گر??م آهي جنهن ۾ شروعات ۾ مسئلا ايندا تنهن هوندي به ان سان ماڻهن کي اهو احساس ملندو ته اهو پاڪستان سڀني لاءِ آهي، اشرافيه لاءِ هڪ ۽ عوام لاءِ ٻي پاڪستان جو فرق ختم ٿيندو، ڪو به شهري ڪنهن به لمحي پنهنجي شڪايت ڪنهن به علائقي مان ان نمبر تي ڪال ڪري داخل ڪرائي سگهي ۽ رياست ان تي فوري جواب ڏيندي، اهو اسلامي فلاحي رياست طرف هڪ قدم آهي، ان پر??گر??م تي گهرو وزارت سميت سڀني محنت ڪئي آهي، سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ان جي ڪاميابي لاءِ سمورن صوبن جو تعاون گهربل هوندو، اهو مجموعي طور تي پوري پاڪستان جو منصوبو آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ وفاق ۽ صوبا ڌار ڌار نظر ايندا آهن پر ان م??صوبي سان اهي سمورا گڏ بيهي سگهندا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جو آغاز خيبرپختونخوا مان ڪيو ۽ سنڌ کانسواءِ پوري ملڪ ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويو جنهن سان 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر اچي سگهندي، غريب خاندانن ۾ بيماري هڪ وڏو مسئلو هوندي آهي، غر??ت جي لڪير کان هيٺ ره??دڙ ماڻهن لاءِ هيلٿ ڪارڊ هڪ وڏي سهولت آهي، هاڻي اهي مهانگي کان م??انگي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ اسان هڪجهڙي تعليمي نصاب لاءِ قدم کنيا آهن، شروعاتي طور تي پنجين درجي تائين هڪجهڙو نصاب شروع ڪيو آهي، اهو ڪم 70 سال پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو تنهن هوندي به اسان آهستي آهستي ان کي مٿي تائين وٺي وينداسين، اشرافيه لاءِ انگلش ميڊيم ۽ ٻين لاءِ ٻيو تعليمي نظام ناانصافي جو نظام هو، وزيراعظم چيو ته اسان احساس پر??گر??م، ڪامياب جوان پر??گر??م شروع ڪيا، گهٽ آمدني وارن لاءِ پنهنجو گهر پر??گر??م شروع ڪيو، ڪاروبار لاءِ قرض فراهم ڪيو، هن چيو ته اسان قانوني امداد جو پر??گر??م شروع ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون جتي فريادي کي وڪيل ڪري ڏيون. هن چيو ته پهرين فلاحي رياست ٺهندي آهي ته پوءِ ان جي برڪت مان پئسا به ايندا آهن، چين جو ماڊل اسان جي لاءِ مثال آهي، چين 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غر??ت جي هيٺين لڪير کان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين گڏجي اڳتي وڌڻ جو سفر شروع ڪيو هو پر ڀارت ايليٽ ڪلاس جي ڪري پوئتي رهجي ويو، چين هن وقت دنيا جي تيزي سان ترقي ڪ??دڙ معيشت آهي، هو مديني جي رياست جي ماڊل جي پيروري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته مديني ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انقلاب آيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ جيستائين اسان ايليٽ سسٽم نه ٽوڙينداسين ته سمورين سهولتن تي انهن جو قبضو رهندو، 911 ان طرف اهم قدم آهي، اسان ان پر??گر??م تحت عام غريب ماڻهو کي بااختيار بڻائينداسين، ڏ??هن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا، پوءِ حڪومت ان تحت وسيلا مختص ڪندي، اهو هڪ مثبت قدم آهي جنهن کي جامع ڪرڻ ۾ ٻن سالن جو وقت لڳندو، اها پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ وڏي سهولت آهي