اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف جي هدايت تي دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين ??ي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته س??نح?? جي رپورٽ ??زي??اعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين ??ي بحالي تائين هر ??مڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم چيو ته س??نح?? ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين ??ي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. ??زي??اعظم شروعاتي رپورٽ کا??پوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا اهڙن قدمن کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو س??نح?? جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.