اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته اينڪر پرسن جي گرفتاري بابت قياس آرائي شرانگيز پروپيگنڊ?? مهم جو حصو آهي، شڪ جي بنياد تي پٽيشن داخل ڪندڙن کي ثبوت ڏيڻ گهربا هئا، هي عمران واري وحشي حڪومت نه آهي جنهن ۾ صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته اسان جو ٽارگيٽ مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ۽ معيشت جي بحالي ۽ ترقي آهي، جمهوري حڪومت عوام جي خدمت لاءِ آئي آهي، انتقام وٺڻ لاءِ نه، هن يو ته پي ٽي آءِ جو آئين شڪن، ميڊيا ۽ عوام دشمن ٽولو فيڪ نيوز نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، چار سال چينل، ڪالم، پروگرام بند ڪرڻ، صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ واري آئينو ڏسن، هن چيو ته بي روزگار ٽولي وٽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، آئين شڪن سياسي طور تي زنده رهڻ لاءِ رد عمل جي سياست تي پساهه کڻي رهيا آهن، مريم او??نگ??يب چيو ته ڪوڙا ڪوڙ نه ڳالهائين ته پوءِ سياسي طور تي زنده ڪيئن رهن؟.