ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يو??يورسٽي، هايئر ايجوڪيش?? ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يو??يورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چانسلر جي م??رر?? جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يو??يورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يو??يورسٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يو??يورسٽي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي م??رر?? ۽ يو??يورسٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يو??يورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي م??رر?? تائين پنهنج?? فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيش?? ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يو??يورسٽي جي مستقل وائيس چانسلر جي م??رر?? جي لاءِ جوڙيل سر?? ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي م??رر?? جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.