اسلام آباد – 17 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪ??تا?? ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريبن جي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪ??تا?? غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي ??ا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 17 آ??ٽو??ر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام جي سياسي شموليت ۽ انهن جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غربت ۽ ان جي سڀني شڪلين جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪ??تا?? غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي ??ا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حقن جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ اضافي جو وڏو سبب آهن. تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪ??تا?? ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماحول جي تحفظ جي اصولن تي ڪاربند رهندو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪ??تا?? جهڙي اسرندڙ ملڪن جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ جي ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. پاڪ??تا?? غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. پاڪ??تا?? مستقبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.