ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن ۽ پي ڊي ايم جي هيوي پمپنگ مشينري پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مصروف آهي . هن وقت تائين پي ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ 96 ٽرڪ مائونٽيڊ ڊي واٽرنگ پمپس، 35 ٽريڪٽر مائونٽڊ ڊي واٽرنگ پمپس، 81 گرائونڊ اسٽيڊنگ ڊيواٽرنگ پمپ ۽ 175 سمال ڊي واٽرنگ پمپ فراهم ڪ??ا آهن. صوبائي وزير پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ اسڪارپ جون پمپنگ اسٽيشنز پڻ پنهنجي فل صلاحيت سان ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ جي بيراجن تي پاڻي جو وهڪرو هيٺين سطح تي آهي، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 115.9 فٽ آهي. جتي پاڻي جو ذخيرو 0.561 ايم اي ايف آهي. هن چيو ته اڙل هيڊ ريگيوليٽر تي پاڻي جو اخراج 9130 ڪيوسڪ ۽ اڙل ٽيل ريگيولٽر تي اخراج 17950 ڪيوس?? آهي. دانستر هيڊ ريگيوليٽر تي اخراج 2780 ڪيوس?? آهي. ايل ايس بند جي مائل 99 تي ڪٽ1 مان پاڻي جو ڇوڙ 4650 ڪيوسڪ ۽ مائل 97 ڪٽ 2 مان پاڻي جو ڇوڙ 4700 ڪيوس?? آهي. منڇر ڍنڍ مان سنڌو درياء ۾ پاڻي جو مجموعي ڇوڙ 29210 ڪيوس?? آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 34893 خاندانن کي راشن بيگز فراهم ڪ??ا ويا آهن. بدين ۾ 1000 خاندانن ۾ راشن بيگز تقسيم ڪ??ا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2313، مٽياري 1400، ٽنڊوالهيار 1000، ٽنڊو محمد خان 878، ٺٽو 1000، جيڪب آباد 3809، لا??ڪاڻو 8000، قمبر شهدادڪوٽ 5928، خيرپور ميرس 2500، سانگهڙ 300، شهيد بينظيرآباد 2765، سکر 3000 ۽ عمرڪوٽ ۾ 1000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪ??ا ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 3000 مال جون مڇردانيون، 1200 سولر لائٽس ورهايون ويون آهن. هاڻي تائين متاثرن کي 612908 خيما، 535457 پلاسٽڪ ترپال، 3237345 مڇر دانيون، 800815 ليٽر منرل واٽر، 135223 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪ??و ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 500 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن، هن وقت ريليف ڪيمپن ۾ 242571 متاثر موجود ??هي. جن ۾ 66939 ٻار ۽ 52865 عورتون شامل آهن. ريليف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جي سهولتون فراهم ڪ??ون پيون وڃن.