اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آئيني اختيار استعمال ڪندي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد م??زا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ جو في??لو ڪيو آهي. اها ڳالهه خم??س تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ان حوالي سان سمري صدر کي موڪلي وئي آهي.