اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين تر??يه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. وزيراعظم تر??يه جي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صدر به وزيراعظم جي استنبول ۾ قيام دوران ساڻس ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ تر??يه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان تر??ي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ بحريه لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس بدر جو سنگ بنياد مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. وزيراعظم ان کان اڳ مئي، ??ون 2022ع ۾ تر??يه جو دورو ڪيو هو.