اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن سان ڪو به امتيازي سلوڪ، روڪ، بي عزتي يا دقيانوسي رويو انتهائي مذمت جوڳو آهي، معذور ماڻهو ذهني طور تي ايترا ئي قابل هوندا آهن جيترا ٻيا انسان آهن، بحيثيت معاشرو اسان کي ??عذور ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻ گهرجي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ جامعيت پيدا ڪرڻ گهرجي، عوامي جاين ۽ عمارتن جي ڪنهن به حصي ۾ انهن جي چرپر ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ گهرجي، انهن کي ??نر فراهم ڪرڻ ۽ نوڪرين جا موقعا پيد ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندن، معذور ماڻهن، مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رک??دڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته معذور ماڻهن خيرات جي بنياد تي نه پر برابر صلاحيتن وارن ماڻهن طور نوڪريون ڏيڻ گهرجن ۽ انهن کي ادارن جو ڪارائتو مي??بر بڻائڻ جي لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل نوڪريون ۽ اوزار فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ انهن کي ??ومي، صوبائي ۽ مقامي سطح تي انهن جي چرپر ۽ شموليت جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اوزار ۽ معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي وڃي، ان کانسواءِ انهن کي عزت، وقار ۽ قابليت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته اسان هيستائين نظرانداز ڪيل 10 سيڪڙو آبادي کي ??عاشري جي پيداوا??ي ۽ ڪارائتي ماڻهن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي ان قابل بڻائي سگهون ٿا ته اهي پنهنجي قوم جي تعمير ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. هن چيو ته معذور ماڻهن بابت معاشري ۾ دقيانوسي تصور هئا ۽ انهن کي توهين کي ??ڻ منهن ڏيڻو پوندو هو جنهن سان امتيازي سلوڪ ۽ نفرت کي ??روغ مليو ۽ معزور ماڻهن کي روزاني جي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي حوصلا شڪني ٿي. هن چيو ته معذور ماڻهن کي خراب نالن سان سڏڻ ۽ انهن بابت دقيانوسي تصورن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اسان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل رويي ۾ تبديلي جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر چيو ته بئنڪ هاڻي معذور ماڻهن کي خصوصي قرض ڏئي رهيون آهن ته جيئن اهي گهر ۾ رهي ڪاروبار ڪري سگهن ۽ مختلف آن ??ائين مارڪيٽنگ پليٽ فارمز تي انهن جي مارڪيٽنگ ڪري سگهن. هن چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان ميديا جي ذريعي والدين ۽ معذور ماڻهن جي وچ ۾ آگاهي پيدا ڪريون ته جيئن اهي انهن قرضن مان فائدو کڻي سگهن ۽ پنهنجي زندگي ۾ مالي ۽ معاشي طور تي خودمختيار بڻجن. ان کان اڳ بيگم ثمينه عارف علوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڊسمبر جو پورو مهينو معاشري جي سمورين سطحن ۽ ادارن جي سرڪا??ي ۽ نجي شعبن ۾ معذور ماڻهن جي حقن کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ وقف آهي. هن چيو ته اکين کان محروم سمورن ماڻهن کي انهن جي چرپر ۾ مدد جي لاءِ سفيد ڇڙي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سرڪا??ي ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ هڪ مقرر ڪوٽا هئي جڏهن ته اها ڪوٽا يا ته پوري نه ڪئي وئي يا معذور ماڻهن کي خيراتي طور تي نوڪريون ڏنيون ويون. هن چيو ته اهڙيون نوڪريون پيدا ڪرڻ گهرجن جيڪي معزور ماڻهن جي اهليت موجب هجن ۽ انهن کي ??وري صلاحيت موجب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪن.