اسلام آباد – 25 211; ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته قيام پاڪستان تي رکيل بنياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فر??هم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه هجي. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو ته اسان جي حڪومت انهي ??وچ کي فروغ ڏئي عوام جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فر??همي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته مسيحي برادري جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ??ا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو احساس تحفظ برقرار ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا رهن.